سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي سميت تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻي لٽيل دولت جو حساب ڏنو وڃي:اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙزمين ڌارين ماڻهن ڏئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکڻ جي سازش آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي. انھي ڪري اھو منصوبو ڪنھن به ريت  سنڌ جي عوام کي قبول ناھي. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري،هن چيو ته سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي به سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن به سنڌ ۾ آھي،هن چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي به  نٿو ڏنو وڃي،سنڌ کي پاڻي جي  حساب  سميت تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي لٽيل دولت جو حساب سنڌ جي ماڻهن کي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.