ڪراچي ۾ اٽو ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو،20 ڪلو جو ٿيلهو 1800 رپين ۾ وڪرو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1800 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، شماريات جي اداري موجب  پاڪستان جي دستاويز مطابق، ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو لاهور جي ڀيٽ ۾ 420 رپيا ۽ پشاور جي ڀيٽ ۾ 300 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي،اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ اٽي جو ٿيلهو 200 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي، جڏهن ته سکر جي ڀيٽ ۾ 440 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.