ملڪ ۾ 5 ارب 78 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ٻن سالن جي عرصي دوران 5 ارب 78 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊٽ رپورٽ موجب، ٻن سالن ۾ 2 لک 62 هزار 740 صارفين بجلي چوري ۾ ملوث رهيا، جڏهن ته بجلي چوري ۾ پشاور، حيدرآباد ۽ لاهور ريجن سڀ کان اڳتي رهيا، ۽ اسلام آباد به بجلي چوري ڪندڙ علائقن ۾ شامل رهيو، دستاويزن مطابق، بجلي چوري سڌي ڪنيڪشن، ڪنڊن، ميٽر ٽيمپرنگ ۽ جعلي ميٽرن ذريعي ڪئي وئي۔ بجلي چوري سال 2022-23 ۽ 2023-24 دوران 9 ريجنز ۾ ٿي،آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پشاور اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپين جي بجلي چوري ٿي، جڏهن ته حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ ۽ لاهور اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ ٻن سالن دوران هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جي بجلي چوري ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.