ڌاڙيل راڄ،ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿائون ختم ڪيون وڃن:گهوٽڪي ۾ ڪانفرنس

گهوٽڪي (ڊر+پ ر)  ڌاڙيل راڄ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ڊيمن ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف عوامي تحريڪ ضلعي گهوٽڪي طرفان گيلڪسي هوٽل ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن سان گڏ مختلف سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان لاقانونيت جو خاتمو ڪري آئين ۽ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن. ايس آئي ايف جهڙو غيرجمهوري ادارو فوري طور ختم ڪري جمهوريت بحال ڪئي وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين جي قبضي هيٺ آيل زمين مقامي بي زمين هارين، آبادگارن ۽ مقامي پورهيتن کي ڏنيون وڃن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي  مرڪزي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، روبينا ڀٽي، حنا جتوئي، سورٺبٽ، عوامي تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جي آرگنائيزر جمال ڀٽو، معشوق چاچڙ ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي محاذ سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر مير منور ٽالپر، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي نائب صدر بادل ملڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي محبوب گهوٽو، حبيب الله گهوٽو، انجمن ترقي پسند جي اڳواڻ وجئيش ڪمار، صدر لالا اسدالله خان پٺاڻ، ڀڳت ڪنورام ڪميٽي جي اڳواڻ عمران بوزدار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڊاڪٽر وسند ارشي،  ايڊووڪيٽ آصف کوسو، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر اياز ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن، محمد الدين راڄڙي، جي ايم لاڙڪ، شهزادو ڇڄڻ، ايس ٽي پي اڳواڻ خالد حسين لاکو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ محمد يوسف جکرو، وڪي ڪمار، عوامي تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ شريف گبول، سوشل ورڪر مختيار احمد چاچڙ، شهري اتحاد سرحد جي اڳواڻ فقير عادل لکڻ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ سڪندر اوڳاهي، نور حسن ٻپڙ، ناهيد حسين ملڪ، بابر علي شر، محمد اڪرم نائچ، آرٽسٽ عارف ڪلادي، بنگل مهر، فياض لغاري، محمد سچل مهر، عبدالمجيد، سنديپ ڪمار، آنند رام، رابيل، آديش ڪمار، جنيد لعل، سماجي اڳواڻ عمران بوزدار، ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي منظم رٿابنديءَ تحت مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن کي پيپلز پارٽي جي سرڪاري سردارن جي سرپرستي حاصل آهي، ڌاڙيلن کي افغانستان مان نيٽو جا هٿيار اسمگل ڪري ڏنا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ڌاڙيل گردي ۽ شهرن ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏني وئي آهي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌي قوم کي غلام بڻائڻ جي سازش آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌين کان پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه ڦريو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ معاشي ۽ ماحولياتي دهشتگردي آهي. ڪانفرنس جي قراردادن ۾ چيو ويو ته  هي ڪانفرنس مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ مان سرداري نظام، ڪاروڪاري، سڱ چٽي، جرڳن ۽ قبيلائي دھشتگردي جو خاتمو ڪيو وڃي، ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي وڃي. بلوچستان جي نياڻي بانو بلوچ جي قاتل قبائلي سردارن ۽ انهن جي سرپرست حڪمرانن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪارو ڪاري جي حمايت ڪندڙ ۽ بانو بلوچ جي قاتل قبائلي سردارن جي حمايت ۾ مهم هلائيندڙ بلوچستان جو وڏي وزير سرفراز بگٽي استيفعا ڏي. ۽ ڪارو ڪاري ۽ جبري مذهب مٽائي زوري شادين سميت هر قسم جي عورت دشمن ريتن رسمن جي حمايت ڪندڙ حڪمرانن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته لاڙڪاڻي، سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ_ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ قائم اغوا انڊسٽري، ڌاڙيل راڄ ۽ انهن کي نيٽو جا هٿيار ملڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا ڌاڙيلن جي اصل سرپرستن، سهولتڪارن ۽ هٿيارن جي فراهمي جو پتو لڳائي. شهيد نصرالله گڏاڻي، صحافي جان محمد مهر ۽ استاد الله رکيو نندواڻي سميت سمورن بيگناهه ماڻهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي. رينجرز ۽ پوليس کي ملندڙ بجيٽ جا خرچ پڌرا ڪيا وڃن ۽ جاچ ڪئي وڃي ته ڳري بجيٽ باوجود رينجرز ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڇو ناهي ڪيو. سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ قبضي خلاف سخت احتجاج ڪندي، هي ڪانفرنس مطالبو ڪري ٿي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.