اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 31 جولاءِ تي چين جي زچانگ سينٽر تان لانچ ڪيو ويندو.
سپارڪو موجب اهو سيٽلائيٽ فصلن جي نگراني ۽ زراعت جي درست ڄاڻ جي منصوبابندي ۾ مدد ڏيندو ۽ ٻوڏ، زلزلي ۽ زمين ڇڪجڻ جي حوالي سان نگراني ڪندو.
ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ گليشيئر ڳرڻ ۽ ٻيلن جي واڍي تي نظر رکڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندو.
ترجمان موجب سي پيڪ سميت قومي ترقياتي منصوبن جي نگراني ۾ به سيٽلائيٽ مددگار هوندو، جڏهن ته ماحولياتي نگراني ۽ قدرتي وسيلن جي انتظام ۾ سيٽلائيٽ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
سپارڪو جو چوڻ آهي ته نئون سيٽلائيٽ PRSS-1 ۽ EO-1 سان پاڪستان جي ريموٽ سينسنگ ٻيڙي کي مضبوط بڻائيندو، سيٽلائيٽ لانچنگ سپارڪو جي ويزن 2047 ۽ قومي خلائي پاليسي جو عملي اظهار آهي.
You might also like