ويسٽ انڊيز کي هڪ ٻي شڪست، ڪينگروز چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ به کٽي ورتي

باسيتير (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي.
باسيتير ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون.
ردرفورڊ 31، پاول ۽ شيفرڊ 28-28، هولڊر 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا، آسٽريليا طرفان زمپا 3، هارڊي، بارٽليٽ ۽ ايبٽ 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڪينگروز گهربل هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي 4 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.
ڪيمرون گرين 55، جوش انگلس 51، گلين ميڪسويل 47، آرون هارڊي 23 رنسن جي اننگز کيڏي.
ان فتح سان آسٽريليا 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي ماڻي ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.