مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جهلم ويلي جي سرحدي ڳوٺ ۾ چيتي 8 ورهين جي ٻارڙي کي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب افسوسناڪ واقعو لائن آف ڪنٽرول ڀرسان ڳوٺ پنڊو نالا ۾ پيش آيو، جيڪو چناري کان اٽڪل 15 ڪلو ميٽر ۽ مظفرآباد کان 65 ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي.
چناري پوليس ٻڌايو ته 8 ورهين جي ٻارڙي جويريا ڌيءُ غلام مصطفيٰ اعواڻ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ کيڏي رهي هئي ته اوچتو هڪ چيتو اچي کيس کڻي ويو.
ٻارڙي جي گم ٿيڻ تي سندس ڳولا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪانڊيرن مان ٻارڙيءَ جو لاش هٿ آيو.
پوليس موجب چيني مبينا طور جويريا کي ڳچي ۾ چڪ پاتو، سندس رت چوسيو ۽ پوءِ لاش ڪانڊيرن ۾ ڇڏي جهنگ ڏانهن هليو ويو.
ان واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ خوف وچان ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
You might also like