لاهور (ويب ڊيسڪ) حڪومت قومي اسپورٽس فيڊريشنز کي ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ايونٽ ۾ شرڪت جي ڪميٽمينٽ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان ان سلسلي ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيصلو موجوده سيڪيورٽي خدشن سبب بورڊ ميٽنگ ۾ ڪيو ويو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
نوٽيفڪيشن موجب، نيشنل اسپورٽس فيڊريشنز ڀارت ۾ مقابلي ۾ شرڪت کان اڳ پاڪستان اسپورٽس بورڊ سان صلاح مشورو ڪنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ايس بي سان مشاورت کانسواءِ ڪا به فيڊريشن ڀارت ۾ مقابلي ۾ شرڪت لاءِ حامي نه ڀريندي.