صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) رپورٽ ۾چيو آهي ته ايڇ آءِ وي وائرس خلاف اهڙي دوا فوري طور تي سڀني ماڻهن لاءِ موجود هجڻ گهرجي، جيڪا رڳو ٻه خوراڪون ڏئي هن موذي وائرس کان تحفظ فراهم ڪري ۽ ايڊز جي خطري کي روڪي سگهي.
عالمي اداري موجب انجڪشن جي صورت ۾ ڏني ويندڙ ليناڪاپاوير (ايل اي اين) نالي اها دوا ايڇ آءِ وي کي روڪڻ لاءِ انتهائي موثر ۽ ڊگهي اثر واري آهي، جيڪا روزانو کائڻ وارين گولين ۽ ٻئي مختصر اثر واري علاج جو بهترين متبادل ٿي سگهي ٿي، في الحال ان دوا جا ڪلينڪل ٽرائل جاري آهن.
ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم چيو ته ايڇ آءِ وي خلاف ڪا به ويڪسين موجود ناهي، تنهن ڪري ليناڪاپاوير هن وقت بهترين متبادل طور دستياب آهي، ان دوا جا تجربا ظاهر ڪن ٿا ته اها خطرن ۾ ڦاٿل ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪنهن به قسم جي انفيڪشن کي روڪي سگهي ٿي.
گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صحت جي عالمي اداري طرفان ان دوا جي حمايت تمام اهم آهي، ڇو ته دنيا ۾ ايڇ آءِ وي جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوششون هن وقت بيٺل آهن.
اداري موجب مهانگي ۽ ڏکين ٽيسٽن بدران سادي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪِٽ جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي گهر جي ويجهو ئي انجيڪشن سولائي سان ملي وڃي.
روانڊا جي گادي واري هنڌ ڪگالي ۾ 13هين عالمي ايڊز سوسائٽي ڪانفرنس (آءِ اي ايس 2025) ۾ خطاب ڪندي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته ڊبليو ايڇ او پنهنجن ميمبر ملڪن ۽ ساٿين سان گڏجي هن دوا کي جلد کان جلد ۽ محفوظ نموني وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
You might also like