زاهدان (ويب ڊيسڪ) ايران جي شهر زاهدان ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيل حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد پڻ ماريا ويا آهن.
ايراني ميڊيا موجب، ايران جي صوبي سيستان جي شهر زاهدان ۾ دهشتگردن عدالتي ڪمپليڪس ۾ داخل ٿي ججن جي ڪمري تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا.
سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد به مارجي ويا، حملي جي ذميواري هٿياربند تنظيم جيش العدل قبول ڪئي آهي.
” جيش العدل “ ڇا آهي ۽ ڪئين ڪم ڪري ٿي؟
هيءَ تنظيم پنهنجو تعارف”انصاف ۽ برابري جي فوج“ ۽ سني تنظيم طور ڪرائي ٿي، گروهه پاڻ کي ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾”سني حقن جو محافظ‘“قرار ڏئي ٿو.
بي بي سي موجب، سني بلوچ مليشيا تي ٻڌل ”جيش العدل“ نالي تنظيم جو قيام 2009ع ۾ ايران طرفان عسڪريت پسند گروهه ”جندالله“ جي سربراهه عبدالمالڪ ريگي کي ”ملڪ ۽ قوم خلاف ڪم ڪرڻ“ جي الزام هيٺ گرفتار ۽ ڦاسي ڏيڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ عمل ۾ آيو هو.
عبدالمالڪ ريگي کي ايران جي صوبي سيستان بلوچستان ۾ بم ڌماڪن، ايراني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ، برطانيا ۽ آمريڪا جو ايجنٽ هئڻ جي الزامن تحت ڦاسي ڏني وئي هئي.
ريگي جي گرفتاري کانپوءِ ايران ۾ مقرر تڏوهڪي پاڪستاني سفير محمد عباسي چيو هو ته ”ايران کي انتهائي گهربل عسڪريت پسند ۽ جندالله جي اڳوڻي سربراهه عبدالمالڪ ريگي جي گرفتاري ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“
ريگي کي اُن وقت گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن هو دبئي رستي ڪرغزستان وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ٻئي پاسي آمريڪا جي ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل انٽيليجنس موجب ”جيش العدل“ نالي شدت پسند تنظيم (جنهن جو پراڻو نالو ”جندالله“ آهي) 2005ع ۾ ان وقت جي صدر احمدي نزاد تي حملي سميت ايران ۾ ڪيئي ڌماڪن ۽ حملن ۾ ملوث رهي آهي ۽ هن تنظيم طرفان اِهي ڪارروائيون گهڻو ڪري بلوچستان جي سرحدي صوبي چاربهار ۽ زاهدان ۾ ڪيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنهنجي ٺهڻ جي شروعاتي سالن ۾ شام ۾ ايران جي ’مداخلت‘ جهڙي قدم جي مخالفت کي جندالله جي پاليسين مان هڪ سمجهيو ويندو هو، 2012ع ۾ هن تنظيم پنهنجو نالو بدلائي”جيش العدل“ رکيو آهي.
گذريل ڪجهه سالن دوران هن گروهه طرفان ايران جي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۽ ڇڪتاڻ تيزي آئي آهي ۽ هن گروهه ڏکڻ اوڀر ايران جي سرحدي علائقن ۾ ڪيترن ئي حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
ايراني حڪومت ”جيش العدل“ کي دهشتگرد گروپ ‘ ۽ سعودي عرب ۽ آمريڪا جون ڳجهون ايجنسين سان واڳيل سمجهي ٿي ۽ ان کي ”جيش الظلم“ سڏي ٿي“
هي گروپ ايراني سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي قتل ۽ ايراني سرحدي محافظن ۽ فوجي اهلڪارن جي اغوا جهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي.