سينٽ ڪيٽس (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ به ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ميچ دوران ڪينگرو بيٽر ٽِم ڊيوڊ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهيون، شاءِ هوپ 57 بالن تي 102 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آسٽريليا 16.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو.
ٽِم ڊيوڊ 37 بالن تي 102 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته مچل اوون 16 بالن تي 36 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي
ٽِم ڊيوڊ آسٽريليا طرفان ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين ففٽي ۽ سينچري جو رڪارڊ جوڙي ورتو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن پهرين 16 بالن تي ففٽي اسڪور ڪري مارڪوس اسٽوئنس جو 17 بالن تي ففٽي وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ان کانپوءِ ٽِم ڊيوڊ 37 بالن تي سينچري مڪمل ڪري جوش انگلس جو 43 بالن تي سنچري جو رڪارڊ پڻ چٽ ڪري ڇڏيو.
پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽي ٽوئنٽي سينچري اسڪور ڪندڙ ٽم ڊيوڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
آسٽريليا پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.