اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن، واپار، معيشت ۽ ثقافت بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ باهمي اعتماد تي ٻڌل آهن.هن زور ڀريو ته ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهي.صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عالمي معاملن تي ساڳيو موقف رکن ٿا، سعودي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو وٺڻ گهرجي ۽ مشڪل وقتن ۾ سعودي عرب جي مدد تي شڪرگذار آهيون. آصف علي زرداري خادمِ حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ ڏنو.