اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحى آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي ٻن شفٽن ۾ هلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عدالتي معاملن ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي( اَي آءِ ) جو استعمال وارو آپشن پڻ غور هيٺ آهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحى آفريدي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته التوا هيٺ ڪيس ماڊل عدالتن ذريعي ٻڌا ويندا، ان مقصد لاءِ جڊيشل اڪيڊمي ۾ عدالتي آفيسرن کي تربيت ڏني وئي آهي، 2 شفٽن جي متعارف ٿيڻ سان عدالتي بيڪ لاگ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ سائلين کي فائدو ٿيندو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
جسٽس يحى آفريدي چيو ته ملڪ ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالتن جي قيام تي به ڪم ڪيو پيو وڃي، ڪيس مقرر وقت ۾ حل ٿيڻ گهرجن، قانوني ماهر روزاني بنيادن تي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي چيف جسٽس طور هو آزاد، اڻ ڌريو ۽ ايماندار عدالتي آفيسرن سان گڏ بيٺل آهي، سندس خواب آهي ته سائلين اعتماد سان انصاف جي حصول لاءِ عدالت ۾ اچن.
هن وڌيڪ چيو ته عدليا ۾ پيشيوراڻي مهارت رکندڙ، غير سياسي وڪيل آندا ويندا.
چيف جسٽس يحى آفريدي ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته قومي عدالتي پاليسي اهميت رکندڙ آهي.