ڪرڙيون ظاهري طور تي ته نقصانڪار ناهن هونديون، پر جيت کائيندڙ ڪرڙيون گهر جي ڀتين تي گهمندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ناهن وڻنديون، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر زهريليون هجڻ ڪري ڪرڙيون نقصانڪار به ثابت ٿينديون آهن خاص ڪري هلندڙ موسم ڪرڙين جي ٻچا ڪرڻ جي موسم هوندي آهي ۽ انهن جا ٻچا هر وقت ڀتين تان ڪرندا رهندا آهن. انڪري گهرن ۾ موجود کير يا ڀاڄين لاءِ احتياط ڪرڻ جي سخت ضرورت هوندي آهي.
ڪرڙين کي گهر مان ڪيئن ڀڄائجي؟
سڀ کان پهريون ته اها خبر هئڻ گهرجي ته ڪرڙيون درين، درن ۽ جارن مان گهرن ۾ داخل ٿينديون آهن ان لاءِ اهو ضروري آهي ته درن ۽ درين ۾ موجود سنهي وٿين کي پلاسٽر سان بند ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ڪمرن ۾ موجود جارن کي ڄاريون لڳائجن ته جيئن ڪرڙيون گهر ۾ داخل نه ٿي سگهن.
صفائي جو خيال رکيو وڃي
ڪرڙيون گهڻي قدر انهن جاين تي گهڻيون هونديون آهن جتي جيت، مڇر ۽ مکيون هونديون آهن، گهر کي انهن سڀني جيتن کان پاڪ ڪيو، رات جي وقت کاڌي جا ٿانوَن ڌوئڻ کانسواءِ ئي نه ڇڏي ڏيو، ڪچري جي بالٽي روز خالي ڪيو.
لڪڻ واريون جايون ختم ڪيو
ڪرڙيون گهڻي قدر گهر ۾ موجود بي ترتيبي وارين جاين ۾ لڪنديون آهن، انڪري ڪٻٽن، سيفن ۽ ٻين شين جي پٺيان به صفائي سٿرائي جو خيال ڪيو، غير ضروري سامان کي هٽائي منظم طريقي سان رکو ته انهن جي لڪڻ واريون جايون ختم ٿي وينديون.
هاڻي اچون ٿا ته گهر ۾ موجود ڪرڙين کي گهر مان ڀڄائجي ڪيئن؟
ڪاري ۽ ڳاڙهي مرچن جي اسپري
ڪرڙين کي گهر مان ڀڄائڻ جي لاءِ ڪيميائي اسپري بدران ڪاري ۽ ڳاڙهي مرچن جو پائوڊر پاڻي ۾ ملائي اسپري تيار ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي اسپري ڪريو خاص ڪري جتان ڪرڙين جي اچڻ جو خدشو هجي. بهتر نتيجن جي لاءِ اهو اسپري روزاني جي بنياد تي ڪيو.
بصر ۽ ٿوم
بصرن ۽ ٿوم جي تيز خوشبو ڪرڙين کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، بصرن جا ٽڪرا، ٿوم جو ڳنڍيون گهر ۾ موجود ڪرڙين جي امڪاني داخلي رستن تي رکڻ سان ڪرڙيون قدرتي طور تي ئي ان علائقي کان پري رهنديون آهن.
ڦودني جو تيل
ڦودني يا يوڪليپٽس جهڙو خوشبودار تيل ڪپهه ۾ ٻوڙي يا سڌو سنئون انهن هنڌن تي اسپري ڪيو جٿي جٿي ڪرڙيون نظر اچن ٿيون، اهڙي عمل ڪرڻ سان به اهي انهن هنڌن کان پري رهن ٿيون.