خطرناڪ فلٽرڊ نسوارون يا نڪوٽين پائوچز: عادت ۾ نوجوانن توڙي ٻارن جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ خاص طور تي يورپ ۽ برطانيا ۾ نسوار وانگر استعمال ٿيندڙ نڪوٽين پائوچ مطلب ننڍڙيون ٿلهيون يا ٻوريون لڳائڻ جو رجحاڻ نوجوانن ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي، ايتري تائين جو اهو هاڻي اسڪولن تائين پهچي ويو آهي. نڪوٽين سان ڀريل اهي ڇاڻي جهڙا اڇا پائوچ نوجوان وات ۾ مٿين هڏ ۽ هوڙن جي وچ ۾ رکي استعمال ڪن ٿا، جيڪي نڪوٽين کي سڌو رت ۾ داخل ڪن ٿا ۽ نشي جي عادت وڌائين ٿا.

برطانيا ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ نوجوانن جي هوڙن جو ڇلجي وڃڻ، زخم ٿيڻ ۽ ايتري حد تائين خراب ٿيڻ جا واقعا سامهون آيا آهن جو ڏندن جا جوڙا ئي ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ڊاڪٽر پيٽرڪ سارابي ٻڌايو ته ڪيترائي شاگرد جيڪي ويپنگ ڇڏڻ لاءِ انهن پائوچز جو استعمال ڪن ٿا، اهي ان عادت ۾ اڃا وڌيڪ ڦاسي وڃن ٿا ۽ انهن جي هوڙن ۾ گهڻي حد تائين سوج، زخمن ۽ هڏين جي ڪمزوري جا ڪيس وڌي رهيا آهن.

برطانيا جي هڪ شاگرد فن ٻڌايو ته اهي پائوچ ڪلاس دوران به استعمال ڪرڻ بلڪل آسان آهن، جن ۾ ڪيترائي مختلف ذائقا هيوي ڊوز ۾ موجود آهن. جن ۾ 150 ملي گرام تائين نڪوٽين هوندي آهي. انهن پائوچز جي استعمال سبب نوجوانن کي پگهڻ اچڻ، ڏڪڻي، ڌيان وڃائڻ، الٽيون ٿيڻ ۽ دل جي ڌڙڪن ۾ تيزي اچڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن.

انهن فلٽرڊ نسوارن يا نڪوٽين پائوچز جا عام پر خطرناڪ نقصان

  • هوڙن جي سوج، زخمن ۽ ڇلجي پوڻ جا خطرا وڌن ٿا.
  • دل جي بيمارين جو خطرو وڌي ٿو.
  • ذهني ڌيان وڃائڻ، پڙهائي ۾ دلچسپي گهٽجي وڃڻ.
  • شروعاتي استعمال کان ئي شديد نشي جي عادت ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڇڏڻ انتهائي ڏکيو بڻجي وڃي.
  • اندروني هڏن ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا.

اها عادت نه رڳو برطانيا پر پاڪستان ۾ تمام گهڻي عام ٿي وئي آهي ايتري تائين جو 9 سالن تائين جي عمر وارا ننڍڙا ٻار به اها ڳٿري لڳائڻ جا عادي ٿي ويا آهن.

نه رڳو مرد پر ڪيتريون ئي عورتون به اهڙي نڪوٽين پائوچز جو استعمال ڪري رهيون آهن جن کي وقت جي ضرورت يا فيشن طور استعمال ڪيو وڃي.

جيئن جيئن انهن پائوچز جي عالمي رجحان ۾ واڌ ٿي رهي آهي، تيئن ئي پاڪستان توڙي سنڌ ۾ به نوجوان فيشن ۽ ڪيريئر جي دٻاءَ سبب هن عادت ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ماءُ ۽ پيءُ توڙي اسڪولن جي اتنظاميا کي گهرجي ته نوجوانن جي صحت ۽ مستقبل کي بچائڻ لاءِ انهن خطرناڪ عادتن کان آگاهي ڏين ۽ انهن جي نگراني ڪن ته ڪٿي ٻار ان خطرناڪ رستي تي ته نٿا هلن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو سگريٽ يا ويپنگ ڇڏڻ لاءِ انهن نڪوٽين جو استعمال ڪري ته ان جا سگريٽ ۽ ويپنگ جي ڀيٽ ۾ نقصان گهٽ ٿي سگهن ٿا ، پر جيڪڏهن نوجوان نڪوٽين جي نشي لاءِ استعمال ڪن ته اهي پنهنجي زندگي ۽ مستقبل کي هٿ سان تباهه ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.