چي جن پنگ جي 13 سالن کانپوءِ چين سياسي ۽ اقتصادي بحران جي ور چڙهيل

چي جن پنگ جي اقتدار کي 13 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چين ۾ مرڪوز طاقت جي پاليسين سبب سياسي بيچيني ۽ معاشي بحران تيزي سان وڌي رهيا آهن.

ملڪ اندر ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ ڪري پئي آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، ۽ ماڻهو "تان پنگ” مطلب بي عملي اختيار ڪري رهيا آهن. ڪاروباري طبقو سيڙپڪاري کان هٿ کڻي ويو آهي ۽ معيشت جو دارومدار رڳو حڪومت جي منصوبن تي آهي.

سياسي مخالفت نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته قيادت کي هٽائڻ خطري کان خالي ناهي. عالمي سطح تي جمهوريت جي حمايت به گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب شي جي اقتدار کي وڌيڪ استحڪام مليو آهي.

تازو ادارن ۾ واڌارو ۽ نوان چيف شي پاڻ چونڊي رهيو آهي، جنهن سان سندس طاقت وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده حالتون 1980ع واري سوويت يونين جي دور وانگر آهن اصلاحات جي ضرورت آهي، پر دير ٿي رهي آهي.

چين جو مستقبل هاڻ ان سوال تي بيٺو آهي: ڇا مرڪوز نظام پاڻ کي بچائي سگهندو، يا تبديليءَ جو نڪتو جلد سامهون ايندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.