هيڊ ڪوچ جو ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ٽيم نالي اهم پيغام جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته ٽيم کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ راند جو هڪ انداز اختيار ڪرڻو پوندو.
سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته هن وقت ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽيم دنيا ۾ اٺين نمبر تي آهي، جڏهن ته ميرپور ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ اسڪور وارو وينيو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

مائيڪ هيسن موجب، ميرپور ۾ ڏکيائين کانپوءِ ٽيم تجربن مان سکندي واپسي ڪئي ۽ نون رانديگرن سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته اسپيشلسٽ ڪوچن بنگلاديش ۽ اين سي اي ۾ بالرن جي ڊيولپمينٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته آخري ٻن ميچن ۾ فيلڊنگ ۾ نمايان بهتري آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.