پاڪستان جو سوشل ميڊيا ڪمپنين کان دهشتگردن جي استعمال هيٺ گمنام آءِ ڊيز بلاڪ ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سوشل ميڊيا آپريٽرن کان دهشتگردن جي استعمال هيٺ هلندڙ گمنام آئي ڊيز بلاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيوئ
قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بيئريسٽر عقيـل ملڪ ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي دهشتگردي خلاف مضبوط مورچي جي حيثيت رکي ٿو.
طلال چوڌري جو چوڻ هو ته اسان دهشتگردن جا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان سوشل ميڊيا آپريٽرن کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته هو اسان سان سهڪار ڪن ۽ اهڙن اڪائونٽن بابت معلومات شيئر ڪن جيڪي دهشتگردن جي استعمال هيٺ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر ناهي ته اهي اڪائونٽس افغانستان مان آپريٽ ٿين پيا يا ڪنهن ٻئي هنڌان، اهي گمنام نالن ۽ آئي ڊيز سان هلن ٿا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

بيئرسٽر عقيـل ملڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، نه رڳو جاني پر مالي نقصان به ٿيو آهي، اسان ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جون آفيسون قائم ٿيڻ تي ڀليڪار ڪنداسين، ڪيترائي دهشتگرد گروپ نه رڳو پاڪستان پر گڏيل قومن جي فهرست ۾ به ڪالعدم آهن.
طلال چوڌري ٻڌايو ته اهي دهشتگرد گروپ واٽس ايپ اڪائونٽس هلائين ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ، سماج ۽ سڄي دنيا لاءِ خطرو آهن، پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ اهڙن اڪائونٽن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي جيڪي انهن گروپن سان لاڳاپيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.