نوجوانن ۾ وڌندڙ خطرن جو ذميوار ويپس ۽ سگريٽ نوشي آهي: ماهر

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي نوجوان جيڪي ويپس استعمال ڪن ٿا يا سگريٽ پيئن ٿا، انهن ۾ ڊپريشن ۽ بيچيني جي شڪايت ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

ماضي ۾ ٿيل مطالعي ۾ تماڪ جو خراب ٿيندڙ ذهني صحت سان تعلق سامهون اچي چڪو آهي، پر نوجوانن ۾ ويپس، سگريٽ واپرائڻ ۽ ذهني صحت جي وچ ۾ تعلق ڄاڻڻ لاءِ گهڻيون تحقيقون نه ٿيون آهن.

ويسٽ ورجينيا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ تحقيق جي ماهرن ٻڌايو ته اهڙي بابت ڄاڻڻ ان ڪري ضروري آهي ڇاڪاڻ ته نوجوان ان وقت واڌ ويجهه جي اهم مرحلي ۾ هوندا آهن جڏهن صحت لاءِ خطرو بڻجندڙ عادتون شروع ٿينديون آهن.

جرنل پي ايل او ايس مينٽل هيلٿ ۾ ڇپيل هن تحقيق ۾ ماهرن 2021 کان 2023 تائين ٿيل نيشنل يوٿ ٽوبيڪو سروي مان مختلف ڊيموگرافڪس ۾ تماڪ جي استعمال ۽ ڊپريشن ۽ بيچيني جي علامتن بابت ڊيٽا استعمال ڪيو.

هن سروي ۾ 60 هزار 72 مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن شرڪت ڪئي. 21.31 سيڪڙو شاگردن تماڪ واريون شيون استعمال ڪرڻ، جڏهن ته 9.94 سيڪڙو شاگردن برقي سگريٽ جي استعمال بابت ٻڌايو. رڳو 3.61 سيڪڙو شاگردن سگريٽ، سگار، حقو ۽ پائپ جهڙيون روايتي تماڪ شيون استعمال ڪرڻ بابت ٻڌايو، جڏهن ته 7.80 سيڪڙو شاگردن اي سگريٽ ۽ روايتي شين ٻنهي جي استعمال بابت ٻڌايو.

گڏيل طور تي، سروي ۾ 25.21 سيڪڙو شاگردن ڊپريشن جڏهن ته 29.55 سيڪڙو شاگردن بيچيني جي علامتن بابت ٻڌايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.