بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ ۾ ڪيمبوڊيا سان شروع ٿيل سرحدي چڪرين کانپوءِ 8 سرحدي ضلعن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي.
ٿائي فوج جي بارڊر ڊفينس ڪمانڊر اپيچارٽ ساپراسيٽ موجب، صوبو چنٿابوري جي ستن ۽ تراٽ جو هڪ ضلعي ۾ مارشل لاآهي. ٿائلينڊ جي قائم مقام وزيراعظم فمٿم وچايا ڇائي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته وڌندڙ سرحدي ڇڪتاڻ هاڻي جنگ جو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري تڪرار ۾ هيل تائين 16 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
ٿائلينڊ جي سرحدي علائقن مان لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو ۽ ڪيمبوڊيا مان 10 هزار ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.