لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ 125 پارليامينٽ ميمبرن هڪ گڏيل خط ۾ وزيراعظم سر ڪير اسٽارمر کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا طرفان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو هوندو، جيڪو 1980ع کان جاري ٻه رياستي حل جي حمايت کي عملي شڪل ڏيندو ۽ ماضي جي مئنڊيٽ هيٺ برطانا جون ذميواريون پوريون ڪندو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به 60 پارليامينٽ ميمبرن هڪ خط ذريعي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي کان اهڙو ئي مطالبو ڪيو هو.
ياد رهي ته جمعي ڏينهن فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ فلسطيني صدر محمود عباس کي لکيل خط سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو، جڏهن ته ڪئناڊا به فلسطين جي ٻن رياستن واري حل لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.