ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شوبز جي ناليواري شخصيت اداڪارا عمار چوڌري ڪراچي ۾ اڪيلي رهڻ دوران پنهنجي تجربي جو احوال ٻڌايو آهي.
تازو عمارا چوڌري هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن ساٿي اداڪارا حميرا اصغر جي موت تي انتهائي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪنهن جي لاءِ به اڪيلو رهڻ ايترو سولو ناهي هوندو.
هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو پڙهائي يا نوڪري توڙي ٻئي ڪم ڪار جي ڪري ٻين شهرن مان اچي ڪراچي ۾ اڪيلا رهندا آهن جنهن دوران اهي پنهنجي گهر وارن کي به ياد ڪندا رهندا آهن.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ به لاهور جي آهي ۽ سندس گهرڀاتي اتي لاهور ۾ ئي رهندا آهن ڪم جي سلسلي ۾ هوءَ سدائين ڪراچي ۾ اچي اڪيلي رهندي آهي.
عمارا ٻڌايو ته هڪ ڀيري هوءَ ڪورونا دوران شوٽ ڪري واپس گهر آئي ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري بيهوش ٿي وئي ۽ سڄو ڏينهن بيهوش ئي پيل رهي، ان دوران سندس گهروارن مان جنهن ڪرائي واري گهر ۾ رهندي هيس ان جي مالڪ سان رابطو ڪيو جنهن دروازو کڙڪايو ته مونکي هوش آيو.
اداڪارا ٻڌايو ته مان پنهنجي موبائل ڏٺي ته گهر وارن جو کوڙ فونون آيل هيون، گهر مالڪ ٻڌايو ته توهان جي گهرڀاتين فونون ڪيون تڏهن در کڙڪايو نه ته مون ته سمجهو ته توهان لاهور هليا ويا.