ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون 2300 رپيا لاٿ بعد 3 لک 56 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1972 رپيا سستو ٿيڻ سان 3 لک 5 هزار 812 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 23 ڊالر گهٽجڻ بعد 3340 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.