پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس وچ اوڀر۾ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪران پنهنجي بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته فرانس فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو، جڏهن ته هن فلسطيني صدر محمود عباس ڏانهن لکيل خط پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
ميڪران خط ۾ لکيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار ۽ منصفاڻو امن قائم ڪرڻ لاءِ فرانس اهو فيصلو ڪيو آهي، هو فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو .
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
سندس چوڻ هو ته ان جو باضابطا اعلان هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ سيپٽمبر ۾ پنهنجي خطاب دوران ڪندو.
هن چيو ته اسان کي ترت جنگبندي، سڀني يرغمالين جي آزادي ۽ غزا جي ماڻهن لاءِ وڏي پئماني تي انساني امداد جي ضرورت آهي.
ميڪران لکيو ته اسان کي اِهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته حماس هٿيار ڦٽا ڪري، غزا کي محفوظ بڻايو وڃي، ان جي نئين سر اڏاوت ڪئي وڃي ۽ نيٺ اسان کي فلسطين رياست قائم ڪرڻي پوندي.
فرانسيسي صدر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فرانس جو عوام وچ اوڀر امن چاهي ٿو ۽ اسان جي ذميواري آهي ته اسرائيلي، فلسطيني ۽ پنهنجي يورپي ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن سان گڏجي اهو ثابت ڪريون ته امن ممڪن آهي.