اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جو نئون فارمولو،ڇا صوبا راضي ٿيندا؟

اسلام آباد(قربان بلوچ)پارليامياني ۽ صدارتي نظام گڏائي نئين نظام جي پئڪيج ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني به شامل ڪئي وئي آهي،صوبن ۾ حڪمراني ڪندڙ سياسي جماعتن جي امتحان جو وقت اچي ويو،آگسٽ ۾ اين ايف سي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيندو،وفاق کان صوبن،صوبن کان ڊويزن،ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مالي اختيار ورهائڻ جي ڳالهه ٿيندي ته صدر پاڪستان  آصف علي زرداري ان فيصلي جي حتمي منظوري ڏيندو، سنڌ، بلوچستان،پنجاب ۽ ڪي پي جو ردعمل ڇا هوندو؟اهو هڪ سخت امتحان هوندو،جڏهن ته ان ڳالهه تي غور ٿي رهيو آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن جي اجلاس ۾ آبادي کي اين ايف سي کان الڳ ڪيو وڃي،ان فيصلي تي پنجاب ڪيئن راضي ٿيندو؟اهو وڏو سوال آهي،ماضي ۾ ان معاملي تي فيصلي جي گهڙي وقت پنجاب سخت مزاحمت ڪئي هئي،عائشه غوث پاشا چيو ته آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي اسان جي لاشن تي ٿيندي،ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي  ته نئين فارمولي تي امڪاني طور انڪار ڪندڙ حڪمران سياسي پارٽين کي ”بائو“ جي ڌمڪي ڏني ويندي،ٻيو حل ڀارتي فارمولي جو آهي،اتي مالي وسيلن واري فارمولي ۾ آبادي جي شرح،ڊي پاپوليشن جي گهڻي شرح شامل آهي،جنهن سبب اتي وڌيڪ مالي وسيلن جي حصول لاءِ آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪرڻ ترجيح بڻجي وئي آهي،هن وقت پاڪستان ۾ آبادي جو جائزو وٺجي ته پنجاب جي آبادي گهٽجي رهي آهي باقي صوبن جي آبادي وڌي رهي آهي،ان حوالي سان اين ايف سي جو جيڪو ايندڙ اجلاس ٿي رهيو آهي ان ۾ آبادي واري فارمولي تي غورويچار ٿيڻو آهي،ڊي پاپوليشن وارو فارمولو طئي ٿيو ته ان جو فائدو هر صورت ۾ پنجاب کي ٿيندو،پنجاب جي شرح موجوده شرح کان وڌي ويندي،سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي جي واڌ ٿي رهي آهي خاص طور تي ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ وڌڻ سبب آبادي جو دٻاءُ آهي،آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو به ميڪينزم نظر نه پيواچي،ذريعن موجب صوبن جي حوالي سان وفاق ۾ اهو تاثر موجود آهي ته انهن ۾ مالي وسيلن جي انتظام ڪاري جي  حوالي سان اهليت ناهي،ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته صوبا هر سال ٽي کان ساڍا 3 سئو ارب رپين جو سرپلس بجيٽ ڏين ٿا،ترقياتي رٿائن جي حوالي سان به صحيح فنڊ خرچ نه پيا ٿين،ان کان علاوه اهو به فيصلو ٿيو آهي ته ڪجهه اهڙا ٽيڪس لڳايا وڃن جيڪي ورڇ جوڳي پول جو حصو نه هجن،ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ ان تجويز ڪيل فيصلي خلاف ڳالهائڻ جي همت ناهي،ٻئي پاسي اهو به سوال اٿي رهيو آهي ته جيڪو نئون نظام اچي رهيو آهي،ان جي ڪاميابي جو ڪيترو امڪان آهي؟ڇو ته هن نظام ۾ جاگيردار،سرمائيدار،وڏيرا،چوڌري،سردار ملڪ تي مڙهيل آهن،اهي ڪيئن ان کي ڪامياب ٿيڻ ڏيندا،صوبن ۾ صحت،تعليم،آبپاشي ۽ ٻيا کاتا آهن انهن ۾ بي تحاشا ڪرپشن آهي،انهن جي انتظام ڪاري ڪيئن ٿي سگهندي؟مڪاني ادارن بابت ايوب خان ۽ جنرل مشرف جي دورن ۾ به نوان تجربا ٿيا،ان ۾ ڪراچي ۾ نعمت الله خان ۽ مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪم ٿيو پر باقي سنڌ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو،نئين نظام ۾ به ساڳيون پ پ،ن ليگ،ايم ڪيوايم،باپ جهڙين پارٽين جا نمائندا کٽي ايندا،هن وقت ملڪ ۾ کنڊ جو بحران هلي رهيو آهي ايندڙ وقتن ۾ ڪڻڪ جو بحران به ڪر کڻي سگهي ٿو،انهن معاملن تي ئي ڪو قدم نه کنيو ويندو ته نئون نظام ڪهڙي ريت ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟ڪرپٽ اشرافيه کي لغام ڪير ڏيندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.