اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطاء الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پٽن کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چونداسين، ۽ کين تحريڪ هلائڻ جو حق آهي، پر جتي به وڃن، اهو ضرور ٻڌائين ته سندن والد ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪا به قانوني ثابتي پيش نه ڪري سگهيو