اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ غيرت جي نالي تي شادي شده جوڙي جي قتل خلاف ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪري ورتو، اجلاس دوران پ پ جي سينيٽر شيري رحمان پاران جوڙي جي قتل خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيو ويو، قرارداد جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته ايوان بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي جوڙي جي قتل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، ۽ مطالبو ڪري ٿو ته جرگي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، اهو به مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورن شهرين جي قانون ۽ آئين مطابق تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي.