ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ سمي دين بلوچ ۽ ٻين ساٿي عورت اڳواڻن سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ ظلم، ڏاڍ رياستي جبر جاري آھي، ھر آئي ڏينھن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جبري گمشدگين، مار ڌاڙ، قتلام خلاف آواز بلند ڪندڙ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سميت ٻئي مرڪزي قيادت قيد و بند آھي، سمي دين بلوچ پاران بلوچستان ۾ پائمال ٿيندڙ انساني حقوق جي 6 مھينن جي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ھي حقيقت تي ٻڌل رپورٽ آھي، ھن چيو ته بلوچستان ۾ انساني حق معطل ٿي چڪا آھن، آئين، قانون ۽ انصاف به معطل آھي، رپورٽ موجب سال جي 6 مھينن ۾ 752 ماڻھن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو، ان ۾ 181 ماڻھن کي ٿوري وقت بعد ڇڏيو ويو، جڏھن ته 25 ماڻھن کي دوران حراست قتل ڪيو ويو، باقي 546 ماڻھو تاحال گم آھن، انھن جي وارثن کي اڃا تائين ڪابه معلومات فراھم نه ڪئي آھي، سڀ کان وڌيڪ ڪيس مڪران ڊويزن مان رپورٽ ٿيا آھن، جبري گمشدگين جي ھي لھر بلوچ سماج کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي مترادف آھي، جنوري کان جون 2025 دوران 117 ماورائي عدالت قتل رپورٽ ٿيا آھن، ان ۾ وڌيڪ ڪيس جعلي مقابلن جھڙوڪ "مارو ۽ اڇلائي ڇڏيو” پاليسي ۽ زير حراست قتل سان جڙيل آھن، قتل ٿيلن ۾ وڏو انگ نوجوانن، شاگردن ۽ سياسي شعور جو آھي، بلوچستان ۾ ٿيل قتلام صرف بلوچ نسل ڪشي پاليسي جو حصو آھي پر اجتماعي سزا جي پاليسي جو به حصو آھي، جنھن جي لپيٽ ۾ ھن وقت پوري بلوچ قوم آھي، جبري گمشدگي جو شڪار تقريبن ھر فرد کي دوران حراست سخت جسماني ۽ ذھني اذيت جو بڻايو ويو، عيني شاھدن موجب عدالت کان مٿانھون قتل ٿيندڙ ھر فرد جي لاش تي تشدد جا واضح نشان موجود ھئا، هن چيو ته بلوچستان ۾ اظھار جي آزادي، پرامن احتجاج مڪمل طرح معطل آھي، بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جھڙين سياسي ۽ انساني حقن جي ادارن کي دھشتگردي سان جوڙيون ويندو آھي، ادارن جي رضاڪار ۽ اڳواڻن جي خلاف جعلي ڪيس، ٿري ايم پي او ۽ فورٿ شيڊول جھڙن قانونن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آھي، 2025 ۾ بلوچستان اسيمبلي پاران انسداد دھشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم رياستي ادارن کي وڌيڪ غير مشروط اختيار ڏئي ڇڏيا آھن، ھاڻ ڪنھن کي به بغير الزام جي ٽن مھينن تائين تحويل ۾ رکي سگھجي ٿو، اهو عمل انصاف جي غيرجانبداري جي اصول جي خلاف آھي، ھن وڌيڪ چيو ته 16 جولائي 2025 کان بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي گرفتار قيادت، وارث ۽ مسنگ پرسن بلوچن جا وارث اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪري رھيا آھن جن جو مقصد آھي ته ڊاڪٽر ماھرنگ بلوچ ۽ سموري قيادت کي آزاد ڪيو وڃي، مظاھرين سان پوليس ۽ انتظاميه جو رويو انتھائي غير انساني آھي، مظاھرين کي پريس ڪلب آڏو ٽينٽ لڳائڻ کان روڪيو ويو آھي، مظاھرين کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن، انھن جو ڏوھ صرف اھو آھي ته ھو پنھنجي پيارن جي واپسي جو مطالبو ڪري رھيا آھن، پوليس نه رڳو مظاھرين سان پريس ڪلب تي جھيڙي رھي آھي پر افسوس جي ڳالھ ھي آھي ته وارثن کي رات جي انڌيري ۾ ڪرائي جي فليٽ تان زبردستي بيدخل ڪيو ويو، پھريان انھي فليٽ جو پاڻي بند ڪيو ويو، پوءِ فليٽ جا مالڪ تي دٻاءُ وجھي رات ھڪ وڳي ان پوڙھي ماءُ ۽ معصوم ٻارن کي فليٽ مان بيدخل ڪيو ويو، مظاھرين ڏينھن جو اسلام آباد پريس ڪلب ڏانھن ويندا آھن ته چئني طرف کان رستا بند ڪيا ويندا آھن، جيڪو زيادتي آھي، ھن چيو ته اسان عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪيون ٿا ته ھو مداخلت ڪن ۽ اسان جي پرامن جدوجھد کي طاقت سان ڪچلڻ جي ھر ڪوشش کي ناڪام بڻائن، انھي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو رکن ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل مظاھرين جو ساٿ ڏين ۽ انھن جو آواز بڻجن،سمي دين بلوچ بلوچستان ۾ بي رحمي سان گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيل عورت ۽ مرد واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي اهو ڪو پهريون قتل ناهي ٿيو، اهڙي قسم جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، بلوچستان جا سردار سدائين ڪارو ڪاري واقعن ۽ مختلف قتلن ۾ ملوث نڪتا آهن. هن چيو ته رياستي پٺڀرائي سبب سردار اهڙا واقعا سولائي سان ڪن ٿا، اسان سدائين اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام جو مطالبو ڪيو آهي ته افسوس رياستي پٺڀرائي ۽ شفقت جي ڪري اهڙن واقعن ۾ ملوث سردار صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر بڻجي اچن ٿا، جنهن جي بنياد تي اسان ان ۽ اهڙي قسم جي هر واقعي ۾ رياست کي به ملوث سمجهون ٿا.هن چيو ته بلوچستان ۾ لاقانونيت آهي، هٿيارن جو انڌادنڌ استعمال وڌي ويو آهي، ڪنهن کي به روڪٿام ناهي، هر ماڻهو جي هٿ ۾ هٿيار آهي. غيرت جي نالي تي قتل روز جو معمول بڻيل آهن، اها ته قاتلن جي هڪ قسم جي مهرباني ٿي جو انهن وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي اسانکي اطلاع ڏنو آهي، ٻي صورت ۾ اسانکي خبر ئي نه پئي ها ته ڪو اهڙو واقعو به ٿيو آهي. سمي دين بلوچ جو چوڻ هو ته اهم ڳالهه اها ناهي ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، ڪجهه ملوث ماڻهن جون گرفتاريون ٿيون آهن يا مختلف جاين تي ڪاروايون ڪيون ويون آهن، مسئلو رڳو اهو ناهي، مسئلو سڄي سسٽم جو آهي، جيستائين جيڪي قبائلي سردار اهڙي ظالماڻي ڪارواين ۾ ملوثن آهن رياست انهن جي پٺڀرائي ڇڏي عام ماڻهو جيان ورتاءُ نه ڪندي تيستائين اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هڪ پاسي بلوچستان واسي پنهنجي حقن واري جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ روڊن تي نڪتل آهن ته ٻئي پاسي اسان ڏسون ٿا ته بلوچ عورتن کي عزت جي نالي تي، غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي. سدائين جيان ان قتل ۾ به اهي سردار ملوث آهن جن جي سرپرستي رياست ڪري رهي آهي، جن سردارن جا رياست سان لاڳاپا آهن،انهن کي اهڙي قسم جا واقعا ڪرڻ ۾ ڪو به خوف ناهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ جيڪڏهن اهي اهڙي قسم جي ڏوهن ۾ ملوث ٿين ٿا ته سڀاڻي وري انهن کي قانوني رليف به ميسر ٿي وڃي ٿو جنهن جي ڪري بلوچستان ۾ وري ٻيهر اهڙي قسم جا ظلم ورجايا وڃن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جيستائين بلوچستان ۾ امن ۽ قانون جي پاسداري قائم نه ٿيندي تيستائين اهڙي قسم جا واقعا معمول بڻيل رهندا. جيڪڏهن حڪومت واقعي به ان معاملي تي سنجيده آهي ۽ ان جو خاتمو چاهي ٿي ته ورهين کان هلندڙ ان سسٽم جنهن ۾ ماڻهن جو عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن تان ويساهه کڄي ويو آهي، جو خاتمو آڻي ان ويساهه کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو ختم ٿي ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجين زندگين، مال ۽ هر قسم جي تحفظ ۾ ڪي خدشا محسوس ڪن ته اهي انهن علائقائي غنڊن، ميرن ۽ معترن ڏانهن وڃڻ بدران انهن ادارن تائين رسائي ماڻي انصاف حاصل ڪري سگهن، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀلي ان عورت ڪجهه به ڪيو هجي پر ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته اهو پنهنجي جرڳي ۾ ان جي قتل جو فيصلو ٻڌائي ۽ انکي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو وڃي. ان بابت به قانون آهن پاڪستان جي آئين ۾ موجود قانونن تحت ان عورت سان وهنوار ڪري سگهجي پيو، پر جيئن ته بلوچستان ۾ قانون ۽ آئين نالي جي ڪا به شيءِ موجود ناهي انڪري رياستي پٺڀرائي واري سردار سولائيءَ سان اهڙا واقعا ڪندا رهن ٿا.