ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار هُمايون سعيد 2005ع ۾ لنڊن ۾ ٿيل ” زي سئنما“ ايوارڊ شو ۾ شاهه رخ خان ۽ پريتي زنٽا سان يادگار پرفارمنس جي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
هُمايون سعيد تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان کانئس 2005ع ۾ ٻين اداڪارن سان گڏ زي ايوارڊ شو لاءِ لنڊن وڃڻ بابت سوال ڪيو.
هُمايون سعيد ٻڌايو ته ”2005ع ۾ زي سنيما جي هڪ ايوارڊ شو ۾ اسان 6 کان 8 اداڪارن کي مهمان طور سڏايو ويو هو، انهن ۾ مان، فخر، عدنان صديقي، اعجاز اسلم، فيصل ۽ ٻه ٽي اداڪارائون شامل هيون.“
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن چيو ته ”مون کي جهاز ۾ شاهه رخ خان ۽ پريتي زنٽا سان پرفارمنس ڪرڻ بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، سفر دوران فخر مون کي چيو ته سوچ، جيڪڏهن توکي شاهه رخ اسٽيج تي سڏي ”اچ مون سان ڊانس ڪر“ته تنهنجي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ مون کلندي ان ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو، پر جڏهن جهاز مان لٿاسين ته مون کي ٻين کان الڳ هڪ بس ۾ ويهاريو ويو. پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته مون کي شاهه رخ ۽ پريتي سان پرفارم ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ مون کي ريهرسل ڪرڻي پوندي، ان وقت مون فخر کي چيو ته ”تنهنجي ڳالهه سچ ٿي وئي.“
ريهرسل بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ”ريهرسل دوران منهنجي شاهه رخ سان ملاقات ٿي، هو مون سان اهڙي طرح مليو ڄڻ مون کي سڃاڻندو هجي، جڏهن مون کيس چيو ته مون کي ڊانس جا اسٽپ ناهن ايندا ته هن پاڻ مون کي اسٽپ سيکارڻ شروع ڪيا، پوءِ سندن ڪوريوگرافر به مون کي طريقو ٻڌايو، ٻئي ڏينهن شو ٿيو جتي 50 کان 60 هزار ماڻهن بيهي خوشي جو اظهار ڪيو.“
واضح رهي ته اِهو شو 2005ع جي زي سنيما ايوارڊز جي تقريب جو حصو هئي، جتي ريما ۽ هُمايون سعيد بالي ووڊ جي پهرئين جوڙ جي فنڪارن سان گڏ اسٽيج تي ”وير زارا“ جي گيتن تي شاندار رقص ڪيو هو.