ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ڳالهه ٻولهه جاري آهي، سمورا معاملا حل ٿي ويندا، جلد ايشيا ڪپ جو جلد اعلان ٿيندو.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ساليانو اجلاس ڍاڪا ۾ ختم ٿي ويو، اَي سي سي صدر محسن نقوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.
هن خطاب ڪندي چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) جي ميزباني جا ٿورائتا آهيون، اسان فيصلو ڪيو هو ته ڪرڪيٽ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، اي سي سي ۾ سمورن 25 ميمبرن شرڪت ڪئي، سڀني جا ٿوراتا آهيون.
محسن نقوي چيو ته هي ٻه ڏينهن يادگار رهيا، ڪو به سياست نه ٿو چاهي، ڏاڍي سٺي ماحول ۾ گڏجاڻي ٿي، ايشيا ڪپ بابت جلد فيصلو ٿيندو، هي ٽيم ورڪ آهي ۽ اِهو سلسلو جاري رکنداسين.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو ڍاڪا نه اچي سگهيا، ائين ٿيندو آهي، مان به سنگاپور نه وڃي سگهيس، شيڊيولڊ سبب ائين ٿيندو رهيندو آهي، وڏي ڳالهه اِها آهي ته هڙئي ميمبر آيا، اڃا اعلان جو اوسيئڙو آهي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان به مختلف معاملن تي ڳاليهون جاري آهن.