شاهه محمود پي ٽي آءِ کي ليڊ ڪندو يا نه؟ سلمان اڪرم ٻڌائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا شاهه محمود کي پارٽي سربراهي ڏيڻ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي آهي، اسان صبح 10 وڳي جيل آيا آهيون پر اڃا تائين اندر وڃڻ جي اجازت ناهي ملي.
هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهن ته فيملي ۽ وڪيل ٻڌڻي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، آئين جي گهرج آهي ته ٽرائل اوپن هجي، پر اندر ٽرائل ٿي رهيو آهي ۽ وڪيلن کي ٻاهر ويهاريو ويو آهي، آئين جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن.
سلمان اڪرم جو چوڻ هو ته بند ڪمري ۾ ٽرائل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، هي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
هن چيو ته شاهه محمود قريشي خلاف اڃا 8 کان 9 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ هو وڌيڪ 8 ڪيسن ۾ گرفتار آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جو ليڊر عمران خان آهي، شاهه محمود قريشي نه، اها غلط ڳالهه ۽ واويلا آهي ته شاهه محمود پارٽي ليڊ کي ڪرڻ وارو آهي، باقي سندس عهدو برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.