ننڍي عمر وارن انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ اهم خبر اچي وئي

ميٽا انسٽاگرام ۾ ننڍي عمر وارن واهپيدارن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ نوان فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا.
ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اسان ننڍي عمر وارن واهپيدارني انسٽاگرام اڪائونٽن ۾ ڊائريڪٽ پيغامن (DMs) بابت نوان فيچرز شامل ڪيا آهن، جيڪي کين موصول ٿيندڙ پيغامن جو پس منظر سمجهڻ ۽ ممڪن فراڊ ڪندڙن جي نشاندهي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
هاڻي نابالغ واهپيدارن کي نوان آپشن نظر ايندا، جن ذريعي هو ڪنهن به اڪائونٽ کي بلاڪ ڪري سگهندا، جڏهن ته نون چيٽ پيغامن ۾ اهو به واضح طور تي ڏيکاريو ويندو ته پيغام موڪليندڙ ڪهڙي سال انسٽاگرام ۾ شامل ٿيو.
ڊائريڪٽ ميسجز ۾ نئين بلاڪ ۽ رپورٽ آپشنز جو واڌارو پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن بابت ميٽا جو چوڻ آهي ته ان سان واهپيدار هڪ ئي وقت ۾ شڪي اڪائونٽن کي بلاڪ ۽ رپورٽ ڪري سگهندا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ميٽا موجب، ڊائريڪٽ ميسجز جا نوان فيچرز في الحال انسٽاگرام تائين محدود هوندا، پر مستقبل ۾ اِهي فيس بڪ ميسينجر جو حصو بڻائي سگهجن ٿا، جڏهنته سيفٽي ۽ لوڪيشن نوٽيس وارا فيچرز انسٽاگرام ۽ فيس بڪ ٻنهي تي دستياب هوندا.
ياد رهي ته انسٽاگرام ۾ 13 کان 17 سالن وارن واهپيدارن جا اڪائونٽس ٽين (teen) اڪائونٽس طور ڄاتا وڃن ٿا، جن ۾ نوجوانن جي تحفظ لاءِ مختلف پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.