اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ بابت خبرون بي بنياد آهن، افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جون پناهه گاهون مستقل ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهي.
هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان ۽ افغان پرڏيهي وزارت وچ ۾ دوري جي تاريخن تي مشاورت جاري آهي، افغان پرڏيهي وزير جي پاڪستان دوري جي تياري ٿي رهي آهي، طالبان حڪومت تسليم ڪرڻ بابت ڳالهيون بي بنياد آهن، افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جون پناهه گاهون مستقل ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهه گيرن جي واپسي جي ڊيڊ لائن 30 جون تي مڪمل ٿي چڪي آهي، واپسي جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ لاءِ حڪومت کي تجويزون ڏنيون آهن، فيصلو ٿيڻ باقي آهي، واڌ يا پابندي بابت فيصلو گهرو وزارت ۽ رياستي ادارا ڪندا.