مڙس زال کي سموري پگهار ڇو ڏيندا آهن؟ دلچسپ ڪارڻ ڄاڻيو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جپان ۾ مڙس پنهنجي پوري پگهار زالن کي ڇو ڏيندا آهن ؟ ان جي دلچسپ حقيقت سامهون اچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، جپاني مرد هر مهيني پنهنجي سموري پگهار ۽ ٻي آمدني زالن حوالي ڪن ٿا ۽ پوءِ کانئن مهيني خرچ، جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾”اوڪ وزڪائي“ چيو وڃي ٿو وٺن ٿا، جنهن مان سگريٽ سميت ٻيا ذاتي خرچ پورا ڪن ٿا.
سافٽ برين فيلڊ نالي غير ملڪي ريسرچ فرم جي سروي موجب 74 سيڪڙو جپاني عورتون گهر جي خرچن جو ڪنٽرول سنڀالين ٿيون، جن ۾ ننڍن ٻارن واريون مائرون پڻ شامل آهن.
سروي موجب، جپان ۾ مرد خوشي وچان پوري پگهار زالن حوالي ناهن ڪندا پر سندن خيال آهي ته انهن جو ڪم رڳو خاندان لاءِ پئسا ڪمائڻ آهي، ڀلي ان لاءِ کين قرباني ئي ڇو نه ڏيڻي پوي.
روايتي طور ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جپان ۾ زالن کي پگهار حوالي ڪرڻ وارو لاڙو وڌيو، جنهن بعد ملڪ جي معيشت ۾ نمايان بهتري رڪارڊ ڪئي وئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ماهرن موجب، جپاني مردن طرفان پگهار گهروارين جي حوالي ڪرڻ جا ٽي اهم سبب آهن جن جپان ۾ گهر جي مالي معاملن جي ذميواري زالن حوالي ڪرڻ هڪ ثقافتي رواج آهي، جنهن تحت مرد پنهنجي سموري آمدني زالن حوالي ڪن ٿا.
هڪ ٻيو ڪارڻ اِهو آهي ته مڙس پگهار زالن حوالي ڪري شاديءَ جهڙي رشتن ۾ شفافيت ۽ اعتماد وڌائن ٿا، جنهن بعد زال ئي بلن، بچت ۽ ٻين خرچن لاءِ رقم مختص ڪري ٿي.
سروي ۾ ٽيون ۽ اهم سبب جيڪو ڄاڻايو ويو آهي ته زالون ٻارن ۽ گهر جي انتظام سان گهڻو واسطو رکن ٿيون، تنهنڪري روز جي خرچن کي سولائي سان سنڀالي سگهن ٿيون.
ماهرن موجب، جيڪڏهن ٻئي ڌريون ڪم ڪن ٿيون ته ته اهڙي صورتحال ۾ مڙس پوري پگهار زالن حوالي ناهن ڪندا ڇو ته ان دوران زال کي پوري پگهار ڏيڻ ضروري نه سمجهيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.