غزا (ويب ڊيسڪ) 100 کان وڌيڪ بين القوامي امدادي تنظيمن ۽ انساني حقن جي گروپن غزا ۾ وڏي پئماني تي خوراڪ جي کوٽ بابت خبردار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ترت جوڳا قدم کڻي.
ميڊيسنز سانز فرنٽيئرز (ايم ايس ايف)، سيو دي چلڊيرن ۽ آڪسفيم سميت ٻين تنظيمن طرفان جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته غزا جا رهواسي انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سندن زندگيون خطري ۾ آهن.
ٻئي پاسي اسرائيل، جيڪو علائقي ۾ امدادي رسد کي ڪنٽرول ڪري ٿو، امدادي تنظيمن جو بيان رد ڪندي ان کي پنهنجي خلاف ۽ حماس جي حق ۾ پروپيئگينڊا قرار ڏنو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هواڏنهن غزا ۾ حماس انتظام هيٺ صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ 10 فلسطيني فوت ٿي ويا، جنهن بعد آچر کان وٺي فوتين جو انگ 43 ٿي ويو آهي.
گڏيل قومن موجب، اسپتالن ۾ ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ سبب شديد بيمارين جي حالت ۾ آندو پيو وڃي.
ياد رهي ته اسرائيل مارچ جي شروع ۾ غزا ڏانهن امداد جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي هئي ۽ ٻن هفتن کانپوءِ حماس خلاف فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي، جڏهن ته بيان ۾ چيو ويو هو ته باقي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ حماس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن خاص طور تي ٻڌايو آهي ته ٻار ۽ بزرگ خوراڪ جي سنگين کوٽ جو شڪار آهن.