”ٽرمپ جي ايراني ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ واري دعويٰ رڳو ڪوڙ آهي، جوهري صلاحيتون اسان جي سائنسدانن جي ذهنن ۾ آهن“

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي ايراني ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جي دعويٰ رڳو ڪوڙ آهي، ايٽمي صلاحيتون اسان جي سائنسدانن جي ذهنن ۾ آهن.
عرب ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته اسان آمريڪي صدر جي بيان سان متفق آهيون ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه آهن ۽ اسان ايٽمي هٿيارن کي رد ڪريون ٿا، جيڪو اسان جو سياسي، مذهبي، انساني ۽ اسٽريٽجڪ موقف آهي.
هن چيو ته عالمي مخالفت جي باوجود يورينيم جي افزودگي جو پروگرام جاري رهندو ۽ ايران بين الاقوامي قانونن جي دائري ۾ رهي پنهنجون ايٽمي صلاحيتون وڌائيندو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ايراني صدر چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا پر ڌمڪيون يا جبر قبول نه ڪنداسين، ٽرمپ جو ايراني ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ جو دعويٰ صرف هڪ دوکو آهي، ايٽمي صلاحيتون اسان جي سائنسدانن جي ذهنن ۾ آهن.
مسعود پزشڪيان چيو ته قطر جي العُديد بيس تي حملو قطر يا ان جي ماڻهن تي حملو نه هو، حملي واري ڏينهن هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي فون ڪري پنهنجو موقف واضح ڪيو.
هن چيو ته اسان قطر ۾ آمريڪي اڏي کي نشانو بڻايو، جنهن اسان جي ملڪ تي بمباري ڪئي.
ايراني صدر وڌيڪچيو ته هو ڪنهن به نئين اسرائيلي فوجي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ اسرائيل سان جنگ بندي بابت گهڻو پراميد ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.