عمران جي پٽن جون سرگرميون: دٻاءُ يا ٺاهه جو اشارو؟

لاهور(عمران شفقت) تازن ڏينهن ۾ عمران خان جي پٽن جون آمريڪا ۾ سرگرميون اسٽيبلشمينٽ يا عالمي طاقتن تي دٻاءُ وجهڻ جي هڪ نئين سياسي حڪمتِ عملي جو حصو لڳن ٿيون. انهن سرگرمين ۾ سڀ کان اهم اڳڀرائي رچرڊ گرينل سان ملاقات هئي، جيڪو اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ۽ هڪ سرگرم آمريڪي سياسي شخصيت رهي چڪو آهي. اهو ئي آمريڪا آهي، جنهن تي عمران خان بار بار پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو الزام لڳائي چڪو آهي. تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته گرينل جهڙي شخص سان ملاقات ڪا عام ڳالهه نه آهي، پر هي عمل ممڪن طور ڪنهن مالي معاهدي يا سياسي ٺاهه جي عڪاسي ڪري سگهي ٿو. "آمريڪا ۾ ڪو به ڪم بغير مفاد جي نٿو ٿئي”۔ انهن جي خيال ۾ ان مفاد جو هڪ پاسو جمائما گولڊ جو خانداني پس منظر به ٿي سگهي ٿو، جيڪو مغربي سرمائيدار، يهودي ۽ بااثر حلقن سان واسطو رکي ٿو۔ ان پس منظر جي بنياد تي آمريڪي سياسي حلقن تائين پهچ ۽ دٻاءُ وجهڻ ممڪن بڻايو پيو وڃي. ان ئي تجزيي ۾ هي نڪتو به شامل آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جي موجوده قيادت — جنهن ۾ گوهر علي، علي امين گنڊاپور ۽ عليمه خان جهڙا نالا شامل آهن — نه ته مضبوط سياسي ساک رکن ٿا ۽ نه ئي اهڙي قومي سطح جي تحريڪ اٿاري سگهن ٿا جيڪا عمران خان جي بيانئي کي مؤثر نموني زنده رکي سگهي. جيڪڏهن تحريڪِ انصاف جي سياست کي خلوص ۽ جانفشاني سان ڪا شخصيت زنده رکي سگهي ٿي ته اُها صرف عمران خان جا پٽ ٿي سگهن ٿا۔بهرحال، انهن پٽن جي پاڪستان اچڻ جا امڪان انتهائي محدود آهن۔ تجزيي موجب، اُهي پاڻ به ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن اُهي پاڪستان آيا ته عمران خان جي سڀ کان وڏي "ڪمزوري” بڻجي ويندا، ۽ هي ڪمزوري شايد اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ نئون موقعو بڻجي وڃي۔ تنهن ڪري موجوده حالتن ۾ سندن ٻاهر ملڪ رهڻ ئي تحريڪِ انصاف لاءِ وڌيڪ "محفوظ” سياسي آپشن سمجهيو پيو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي خميس24 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.