ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي تحت سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ضلعي عھديدارن جو اجلاس صوبائي نائب اميرحافظ نصرالله چنا جي صدارت هيٺ جامعه تفهيم القرآن سکر ۾ منعقد ٿيو. صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو ۽ امدادالله بجاراڻي پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ وڌندڙ بدامني ۽ وزيراعليٰ هائوس جي گھيريُ خلاف احتجاجي تحريڪ منظم ڪرڻ فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻو به شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو ته حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي عملي طور تي ظلم ۽ ناانصافي خلاف ۽ سماج جي اصلاح لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ڇوتہ مزاحمت ۾ ئي زندگي آھي ۽ غلامي موت آھي. مراد علي شاهه حڪومت سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ڪراچي ۽ ڪشمور جا ماڻهو ڏينهن ھجي يا رات غير محفوظ آهن. هن عملي طور تي سنڌ جي ماڻهن کي ڌاڙيل جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي خاتمي جو اعلان ڪندڙن ملڪ ۾ مهانگائي پيدا ڪئي آهي.