پريالوءِ (ن ع آ) پريالوءِ ڀرسان هلندڙ الرا جتوئي خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي. پريالوء جي ڪچي واري فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ميرل ناريجو ڀرسان الرا برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ڪري جتوئي برادري جو چگو مڙس 50 سالا گلاب پٽ عبدالله جتوئي کي قتل ڪري هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جنهن بعد جتوئي برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي ڳوٺ شير محمد جتوئي کڻائي ويا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس ڳوٺ شير محمد جتوئي پهچي مقتول چگي مڙس جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پيرجوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال پکڙجي وئي آهي .