ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) سنڌ جي تعليم کاتي پاران 12 ضلعن جي 269 ايڇ ايس ٽيز ۽ ايس ايل ٽيز کي ھيڊ ماستر ۽ ھيڊ مسٽريس طور ترقي ڏيڻ جو فيصلو، نوٽيفڪيشن پڌرو ٿي ويو.، تفصيل موجب سنڌ جي تعليم کاتي پاران سنڌ جي 12 ضلعن جي 269 ايڇ ايس ٽيز ۽ ايس ايل ٽيز کي ھيڊ ماستر ۽ ھيڊ مسٽريس طور ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ترقي ماڻيندڙن ۾ ميرپورخاص ضلعي جا 32، ٿرپارڪر ضلعي جا 58، عمرڪوٽ ضلعي جا 30، بدين ضلعي جا 21، ٽنڊو محمد خان ضلعي جا 04، ٺٽي ضلعي جا 13، ضلعي سجاول جا 20، ضلعي دادو جا 50، ضلعي ڄامشورو جا 29، لاڙڪاڻي ضلعي جا 05، ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا 05 ۽ ضلعي نوشھروفيروز جا 02 استاد شامل آھن، سنڌ جي تعليم کاتي پاران استادن کي ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.