ڪراچي(رپورٽر) واپڊا سنڌ جي ستن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جو جديد نظام تعمير ڪرڻ جو منصوبو جاري مالي سال دوران مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ ان سلسلي ۾ واپڊا جي جنرل مئنيجر پروجيڪٽس ڏکڻ سنڌ جي سيڪريٽري آبپاشي کاتي کي خط لکي منصوبو جو پي سي ون فوري طور فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن ڪم جو آغاز جلد کان جلد ممڪن ٿي سگهي. واپڊا پاران اوٻاوڙو، ڏهرڪي، خانگڙه، ميرپورماٿيلو، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ ڊرينيج جو هي پروگرام مڪمل ڪيو ويندو، جنهن جي مجموعي لاڳت ٻن الڳ الڳ پي سي ون تحت مختص ڪئي وئي آهي۔ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، خانگڙه ۽ ميرپورماٿيلو جي منصوبن لاءِ 156 ارب رپيا، جڏهن ته ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور لاءِ 67 ارب رپيا رکيون ويون آهن۔ آبپاشي کاتي پاران 19 جون 2025 تي واپڊا کي ابتدائي تبصرا فراهم ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ 23 جون تي ڪراچي ۾ هڪ اجلاس پڻ منعقد ٿيو، جنهن ۾ واعدو ڪيو ويو ته پي سي ون جلد فراهم ڪئي ويندي۔ واپڊا پاران منصوبو تي ڪم جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ئي پي سي ون ملي ويندي، منصوبو تي عملدرآمد فوري طور شروع ڪيو ويندو ته جيئن مالي سال 2025-26 اندر ان کي مڪمل ڪيو وڃي.ان کان علاوه واپڊا کي منصوبو لاءِ اسٽڊي ڪرائڻ جي سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي باضابطه راءِ جي پڻ ضرورت آهي، جيڪا اڃا تائين ناهي ملي