بانو جي ماءُ کان بندوق جي زور تي بيان ڏياريو ويو آهي: سوشل ميڊيا

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي هڪ ٻيو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو جتي نوجوان ڇوڪري بانو ۽ هڪ مرد کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو. هن واقعي پوري ملڪ ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. ان موقعي تي مقتوله بانو جي امڙ هڪ بيان سامهو آيو آهي ته جنهن هن چيو آهي ته بانو کي بلوچي روايتن جي مطابق سزا ڏني وئي آهي ۽ سردار بي ڏوهي آهي. ان بيان تي عوام طرفان سخت رد عمل آيو آهي ۽ سوشل ميڊيا صارفين ان کي دٻاءُ تحت ڏنل بيان قرار ڏنو آهي. صوفي ارشد نالي هڪ صارف لکيو ته جڏهن ڪو وڏو سانحو پيش اچي ٿو ته شروعات ۾ ماڻهو گڏجي آواز اٿارين ٿا، پر ٿوري ئي وقت بعد ڪجهه عنصر واقعي کي بگاڙي، اصل حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اعظم خان چيو ته پاڪستان ۾ بندوق جي زور تي بيان وٺڻ معمول بڻجي ويو آهي. شفيع جان جو چوڻ هو ته سردار جي ڊپ کان بانو جي ماءُ گذريل ڏينهن کان ڊنل آهي. هميره صهيب چيو ته  پاڪستان جي انصاف واري نظام کان اهڙي ئي اميد ٿي سگهي ٿي، ان تي حيرت ٿيڻ نه گهرجي. ارزو زيارتوالا افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته غريبن لاءِ صرف ظلم برداشت ڪرڻ ئي لکيل آهي. شعيب نالي هڪ صارف سخت ردعمل ڏيندي لکيو ته جنهن ماڻهو اهو فيصلو ڏنو، ان کي سخت سزا ملڻ گهرجي ۽ بانو جي ماءُ جيڪو بيان ڏئي رهي آهي، اهو دراصل بندوق جي زور تي وٺرايو پيو وڃي. احسان الله چيو ته سڀني کي اڳواٽ ئي اندازو هو ته اهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. وقار بشير لکيو ته هاڻ ماءُ جي بيان جي ڪا به اهميت ناهي، ڇو ته ڪيس حڪومت جي مدعيت ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻ جيڪو حڪومت چاهيندي، اهو ئي ٿيندو. سہيل ساجد افسوس سان لکيو ته پاڪستان ۾ غريب صرف انهيءَ لاءِ ڄمندو آهي ته ظلم سهي. ريحا فضل چيو ته سردار ۽ انهن جا ساٿي ضرور ڌمڪيون ڏنيون هونديون، نه ته ڪير پنهنجي اولاد جي قاتل جي حمايت ڪري ٿو؟ بلڪل ائين جيئن فلمن ۾ ڪمزور ماڻهن کي ڪوڙا بيان ڏيڻ لاءِ ڊڄايو ويندو آهي. اشفاق بيگ هن صورتحال کي وزير اعليٰ جي پريس ڪانفرنس سان جوڙيندي نتيجو قرار ڏنو.انصر محمود چيو ته هيءَ "اسلامي جمهوريه پاڪستان” جي هڪ لاچار ماءُ جي تصوير آهي.حسني ڀٽي لکيو ته جيڪڏهن سردار انهن خلاف ٿي وڃن ها ته کين وڌيڪ نقصان رسي سگهي پئي، انڪري هن  بهتر سمجهيو ته پنهنجي جان بچائي وڃي. عصمت شيخ چيو ته انهن ماڻهو کي ڊيڄاريو ويو آهي. هو پنهنجي باقي زندگي بچائڻ چاهين ٿا، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن وڏيرن خلاف بيهندا ته سندن جيئڻ حرام ٿي ويندو ۽ ڪو به مدد لاءِ نه ايندو. عاصم بن اسحاق سرداري نظام تي لعنت وجهندي لکيو ته اهڙا ظالمانه فيصلا انهي نظام جو ئي نتيجو آهن ۽ هي بيان به يقيننً دٻاءَ هيٺ اچي ڏنو ويو آهي. شاکر نالي هڪ صارف افسوس سان لکيو ته پاڪستان جي هر پاڙي، علائقي ۽ گهر ۾ هڪ فرعون موجود آهي. هي واقعو نه رڳو بلوچستان لاءِ پر پوري ملڪ لاءِ هڪ سواليه نشان بڻجي ويو آهي ته آخر ڪيتري دير تائين طاقتور سردار ظلم جا فيصلا ڪندا رهندا ۽ ڪمزور ماڻهو سندن اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور رهندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.