سکر(رپورٽ سيد نعيم شاھ)سکر بئراج وٽ به ننڍي چاڙهه وارا وهڪرا پهچي ويا آهن سکر بئراج وٽ سرڪاري طور تي ننڍي ٻوڏ جو ڊڪليئر جڏهن ته گڊو بئراج وٽ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وچولي ٻوڏ جي امڪان بابت خبردار ڪيو ويو آهي تربيلا ڊيم مان ڇڏيل پاڻي وڏي تيزي سان سنڌ طرف وڌي رهيو آهي، جنهن سبب درياءِ سنڌ جي وهڪري ۾ مسلسل واڌارو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ رپورٽن موجب هن وقت سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 70 هزار 705 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 16 هزار 905 ڪيوسڪ گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 44 هزار 356 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 5 هزار 855 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 1 لک 83 هزار 893 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 42 هزار 768 ڪيوسڪ ٻئي طرف، تربيلا ڊيم مان 3 لک 62 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي دريائي بندن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي کي بندن جي نگراني تي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وهڪرن جو سلسلو اهڙي ريت جاري رهيو ته وچولي سطح جي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو آهي.