واشنگٽن(م ڊ)عمران خان جي ٻنهي پٽن جي آمريڪي نمائندي رچرڊ گرينل سان ملاقات ٿي آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جا پٽ، قاسم ۽ سليمان خان، ڪيليفورنيا ۾ آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ گرينل سان مليا، رچرڊ گرينل سليمان ۽ قاسم سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته "دوستن کي ڀليڪار، قاسم ۽ سليمان سان وقت گذاري سٺو لڳو”، رچرڊ گرينل عمران خان جي ٻنهي پٽن کي چيو ته اوهان کي مضبوط رهڻو پوندو، دنيا ۾ لکين ماڻهو سياسي انتقام کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اوهان اڪيلائي ۾ ناهيو.