قائد عوام يونيورسٽي جو وي سي آسٽريليا فرار، ٻن پروفيسرن جون ضمانتون، ڊائريڪٽر جو رمانڊ

نوابشاھ (رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو+ممتاز خاصخيلي) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فنڊن ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ کي ايف آئي اي پاران نوابشاهه جي جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 ريحان ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي قمردين شيخ پاران ايڊووڪيٽ علي رضا چنا ۽ ايف آئي اي طرفان ايڊووڪيٽ صنوبر هاشم عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن کانپوءِ عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس جو وڌيڪ 2 ڏينهن جو رمانڊ ڏئي کيس ايف آئي حوالي ڪري ڇڏيو، ذريعن ٻڌايو ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر سليم رضا سمون پنهنجي خاندان سميت آسٽريليا فرار ٿي ويو آهي ۽ پروفيسر عدنان آرائين ۽ پروفيسر پرديپ ڪمار هيراڻي پنهنجون ضمانتون ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ فريادي شاهنواز چنڙ به ڪيس تان هٿ کڻي ويو آهي، ڇو ته هن اها شڪايت ڏيڍ سال اڳ ڪئي هئي، جنهن تي هاڻي ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي، جڏهن ته ايف آئي اي سرڪل شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ايف آئي اي جي ٽيم اڄ به وائيس چانسلر جي آفيس ۽ گهر وئي هئي پر هو آفيس ۽ گهر ۾ موجود نه هو، وائيس چانسلر جو ملڪ مان فرار ٿيڻ، پروفيسرن جون ضمانتون ۽ فريادي جو ڪيس تان ھٿ کڻڻ  صرف افواھه آهن ۽ انهن ۾ ڪا صداقت ناهي، هن وڌيڪ چيو ته شڪايت بلڪل ڏيڍ سال اڳ داخل ڪئي وئي هئي جيڪا ميرپورخاص ايف آئي اي مان فائنل ٿي ايف آئي اي شهيد بينظير آباد منتقل ٿي آهي، جڏهن ته ايف آئي اي انسپيڪٽر سعيد چانڊيو هن ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ ايف آئي اي تمام جلد سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.