حميرا اصغر ڪيس: پوليس پاران رپورٽ عدالت ۾ جمع

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ ماڊل ۽ اداڪار حميرا اصغر جي لاش ملڻ واري ڪيس ۾ پوليس پاران رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوسٽ مارٽم بعد حتمي فرانزڪرپورٽ جو انتظار آهي، عدالت 16آگسٽ تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حميرا اصغر جي موت 7آڪٽوبر 2024ع تي ٿيو آهي، جڏهن ته سندس فون فيبروري 2025 ع تائين استعمال ٿيندو رهيو آهي، حميرا اصغر جي گهروارن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، پوليس جي رپورٽ ۾ واش روم ۽ ڪمري مان رت جي نموني وٺڻ جو ذڪر آهي، حميرا کي قتل ڪيو ويو آهي هن جي جاچ ڪئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.