حيسڪو ۽ سيپڪو سميت 8 ڪمپنين پاران 244 ارب جي اوور بلنگ!

اسلام آباد(م ڊ) پاور ڊويزن جي ماتحت ادارن ۾ وڏي پيماني تي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊٽ رپورٽ موجب، بجلي ورڇ ڪندڙ 8 ڪمپنيون 244 ارب رپين جي اوور بلنگ ۾ ملوث نڪتيون آهن، رپورٽ موجب، آئِسڪو، ليسڪو، حيسڪو، ميپڪو، پيسڪو، ڪيسڪو، سيپڪو ۽ ٽيسڪو لائين لاسز، بجلي چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي لڪائڻ لاءِ اووربلنگ ڪنديون رهيون آهن، گهريلو صارفين، زرعي ٽيوب ويلز، ۽ فوت ٿي ويل ماڻهو به اوور بلنگ کان بچي نه سگهيا آهن، دستاويزن موجب، ملتان اليڪٽرڪ ڪمپني (ميپڪو) فوت ٿيل ماڻهن کي 4 ڪروڙ 96 لک رپين جا بجلي جا بل موڪليا، انهن جي گهرن ۾ استعمال ڪيل بجلي جا يونٽ ٻڙي هئا، بل ۾ زبردستي 12 لک 21 هزار 790 يونٽ شامل ڪيا ويا، آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 5 ڪمپنين صارفين کي 47 ارب رپين کان وڌيڪ جي اوور بلنگ ڪئي، صرف هڪ مهيني دوران 2 لک 78 هزار 649 صارفين کي 47 ارب 81 ڪروڙ رپين جا اضافي بجلي جا بل موڪليا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غلط ميٽر ريڊنگ جي مد ۾ صارفين کان ورتل 5.29 ارب رپين جي اوور بلنگ جي رقم واپس ڪئي وئي، جڏهن ته پيسيڪو طرفان صارفين کي 2.18 ارب رپين جي ملٽي ڪريڊٽ ايڊجسٽمينٽ ڏني وئي، لائين لاسز ۽ بجلي چوري لڪائڻ لاءِ اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، جڏهن ته سال 2023-24 دوران صارفين کي 90 ڪروڙ 46 لک بجلي يونٽن جو اضافي بل موڪليو ويو، ڪجهه ڪيسن ۾ صارفين کي اربين رپين جي رقم ري فنڊ ڪرڻ جو دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن جي تصديق لاءِ آڊٽ اختيارين رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، دستاويز موجب، لائين لاسز پوري ڪرڻ لاءِ صارفين تي اضافي لوڊ جي مد ۾ 22 ارب رپين جي اوور بلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊٽ اختيارين 8  ڪمپنين کان وضاحت طلب ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.