نوازشريف هائبرڊ نظام تي ڪاوڙيل،اختيار نه ملڻ تي تحفظات؟

اسلام آباد/مري(حماد حسن)مري ۾ حمزا شهبازجي گهر تي نوازشريف جي صدارت هيٺ شريف خاندان جي ويهڪ ٿي،ميڊيا ۾ ان حوالي سان خبرون هليون ته ڪابينا  ۾ واڌ جي حوالي سان مشاورت ٿي آهي ،ذريعن موجب نوازشريف پنهنجي ويجهن ساٿين سان ملاقات ۾ پريشان به هو ۽ کيس خدشا به هئا،هن پنهنجي هڪ سينيٽر سميت ٻن ٽن اهم ماڻهن کي چيو ته اسان جي هن حڪومت جو مقصد ڇا آهي؟اسان عوام کي ڪو رليف نٿا ڏئي سگهون،اسان آئيني ترميم نٿا آڻي سگهون،سياسي ڊائلاگ کي اڳتي نٿا وڌائي سگهون،عمران خان کي آزاد نٿا ڪرائي سگهون اسان وٽ جڏهن اهي اختيار ناهن ته پوءِ اسان حڪومت ۾ ڇا لاءِ آهيون؟ نوازشريف جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي،اسان ته نالي ماتر آهيون،ڪڏهن 26هين ترميم اچي ٿي،ڪڏهن 27هين ترميم جو هُل آهي،ذريعن موجب ان اهم ويهڪ ۾ ملڪي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، نوازشريف گذريل هڪ ڏيڍ مهيني کان مختلف ملاقاتين سان پنهنجا خدشا ظاهر ڪري رهيو آهي،نوازشريف جڏهن ڪو وڏو فيصلو يا وڏي ملاقات ڪندو آهي ته هو پهاڙي علائقي ۾ ويندو آهي،سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته نوازشريف جون ڳالهيون ٺيڪ آهن،نوازشريف ۽ پي ڊي ايم جي ڪا به مقبوليت ناهي،اڄ به اليڪشن ٿئي ته عمران خان نوازشريف جو سياسي جنازو ڪڍي ڇڏيندو،ٻئي پاسي عمران خان جا به اسٽيبلشمينٽ سان معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن،جيڪڏهن عمران يا پي ٽي آءِ ٻيهر ڪا غلطي نه ڪئي ته معاملا مفاهمت تائين پهچي سگهن ٿا، 5 آگسٽ تائين معاملا وڌيا ته احتجاجي تحريڪ کي ملتوي ويندو،عمران خان کي آزادي ملي سگهي ٿي،شريف خاندان کي ان ڳالهه تي گهڻي پريشاني آهي،انهن وٽ اختيار به ناهن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي اربع 23 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.