غزا(م ڊ) غزا جي معصوم شهرين تي اسرائيلي فوج جي وحشيانا بمباري جاري آهي، رپورٽن مطابق غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 132 فلسطيني شهيد ٿي ويا.امداد جي انتظار ۾ بيٺل 94 فلسطيني به حياتي وڃائي ويٺا، غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ وڌي 58 هزار 900 ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي، دنيا جي 21 کان وڌيڪ ملڪن اسرائيل پاران غزا تي جاري جنگ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، غزا ۾ ڏڪار،فاقاڪشي ۽ بک وگهي 3 ڏينهن ۾ 33 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، غزا ۾ اسرائيلي فوج بک کي جنگي هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي ۽ رڳو گذريل 24 ڪلاڪن دوران فاقا ڪشي ۽ بک سبب 4 ٻارن سميت 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا،غزا ۾ ڏڪار جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، اسرائيلي فوج جي لڳاتار ناڪابندي سبب مصر سرحد تي بيٺل امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، جنهن سبب فلسطيني هڪ وقت جي ماني لاءِ به ترسي رهيا آهن، صحت واري وزارتِ موجب غزا پٽي ۾ فاقاڪشي ۽ بک سبب رڳو 24 ڪلاڪن ۾ 4 ٻارن سميت 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا ٻڌايو ته غزا ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران خوراڪ جي کوٽ سبب 21 ٻار لاڏاڻو ڪري ويا ۽ اڄ تائين غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب 80 ٻارن سميت 101 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، هوڏانهن اقوام متحده جي فلسطيني پناهگيرن واري ايجنسي اونروا انڪشاف ڪيو آهي ته غزا ۾ هڪ ملين کان وڌيڪ ٻار شديد بک جو شڪار آهن،اونروا موجب مارچ کان اڄ تائين اسرائيل رڳو محدود مقدار ۾ خوراڪ ۽ انساني امداد غزا ۾ داخل ٿيڻ ڏني آهي، جيڪا موجوده ضرورتن لاءِ بلڪل ناڪافي آهي، ٻئي پاسي غزا جي سول ڊفينس ايجنسي غزا ۾ ڏڪار واري صورتحال تي شديد ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي،سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود چيو ته هنن غزا ۾ ٻارن کي بک سبب مرندي ڏٺو، مائرن وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان انساني حقن واري تنظيم ۽ ٻين سڀني عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته غزا جي صورتحال جو نوٽيس وٺي اسرائيلي فوج جي ناڪابندي ختم ڪرائي ۽ غزا ۾ امداد پهچائڻ کي ممڪن بڻائي، خوراڪ جي کوٽ سنگين سبب غزا ۾ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جون حياتيون به بک سبب خطري ۾ پئجي ويون آهن، عالمي خبر ايجنسي اي ايف پي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اسرائيل پاران غزا ۾ ويندڙ امداد کي روڪڻ کان پوءِ پيدا ٿيل خوراڪ جي کوٽ ۽ بک هاڻ عام فلسطيني ماڻهن کان پوءِ صحافين کي به شديد متاثر ڪيو آهي، خبر ايجنسي موجب غزا ۾ هاڻ صرف ڪجهه ئي صحافي بچيا آهن، جيڪي رپورٽ ڪري رهيا آهن ته غزا پٽي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اسرائيلي اختيارين ڪيترن ئي مهينن کان عالمي ميڊيا کي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو رکيو آهي.