لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شاهينز اسڪواڊ ۾ شامل اسپنر ساجد خان انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ٽون برج ۾ پريڪٽس دوران ساجد خان جي ساڄي آڱوٺي ۾ فريڪچر ٿيو، جنهن کانپوءِ هو ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، ساجد خان پهرين دستياب اُڏام ذريعي وطن واپس موٽندو، جڏهن ته ٽيم مئنيجمينٽ اڃا تائين سندس متبادل رانديگر جو اعلان ناهي ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان شاهينز ۽ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب جي وچ ۾ پهريون ون ڊي اڄ (اڱارو) بيڪنهم ۾ کيڏي ويندي.
You might also like